ٻنگار (شهر)

ٻَنگارَ: سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي جي ضلعي بدين ۾ سنڌو درياھ جي پراڻ واري وھڪري (ڍوري) تي سومرن جي دور ۾ ٻنگار شھر (باغ جو پتڻ) وڏو واپاري شھر ھو، ھن شھر جو لکپت بندر سان واپار ھلندو ھو. ڍوري پراڻ تي ٻيا به ان وقت جا مشھور وڏا واپاري شھر ھوندا ھئا، جيئن ’ونگو پتڻ‘، ’رهمڪي بازار‘، ’علي بندر‘ ۽ ’سنڌڙي‘ وغيره. جيڪي پوءِ درياهه جي رخ بدلائڻ سبب اجڙي ويا. ھن شھر جا آثار، ھن وقت بدين ضلعي جي ٽنڊي باگي تعلقي ۾، پنگرئي شھر کان 7 ميل کن اوڀر طرف آھن. آڳاٽي وقت ۾ ٻنگار جو شھر پراڻ جي ساڄي ڪپ تي ھو. جاڙيجن جي جنگ سبب، جڏھن بڊامن، ڪاڇي ۾ سلامتي نه ڏٺي، تڏھن اھي پاتار ۽ ونگي واري ايراضي لتاڙي ونگي جي پتڻ وٽان پراڻ ندي پار ڪري، اچي ٻنگار واري ايراضيءَ ۾ رھيا. ان کان پوءِ بڊامن واري پرامن ايراضي شڪارين جي ور چڙھي وئي. پري پري کان شڪاري اچڻ لڳا، جن ۾ پارڪر جا شڪاري به شامل ھئا. جنھن دور ۾ ”ٻنگار“ تي ”بڊامن چنن“ جو راڄ ھو، ان دور ۾ ٻنگار کان اتر ۾، ”ڦرھي“ جي پٽ ۾ ”سانگي چنن“ جي آبادي ھئي ۽ تلھار جي قريب وري بڊوئا چنا آباد ھئا. سانگين جي شھر جا کنڊر، ٻنگار جي کنڊرن کان 12-13 ميل اتر طرف پراڻ جي ساڄي ڪپ تي آھن، ھڪ دفعي پنري جا مخالف ڏوراھين جوءِ جي ھاڻُن جو وڏو ڪٽڪ وٺي ٻنگار جي شھر تي ڪاھ ڪري آيا. پنري جو ڀاءُ گل ۽ ان جا ساٿي کين سامھان ٿيا، پر ھاڻن جي وڏي ڪٽڪ سان پڄي نه سگھيا، مقابلو ھلندي ڦل، پنري ڏانھن نياپو موڪليو ته :
اڄ گهرجين تون، بڊاماڻي پنرا ،
مٿان اچي مون، ويرين واٽون لائيون .
پنري کي جيئن ئي ڀاءُ جو نياپو پھتو ته ھو مينھن واءُ ڪندو، ڀاءُ جي مدد لاءِ ٻنگار پھچي ويو، پر سندس پھچڻ کان اڳ، ھاڻا، ڦل کي ماري، مال سان گڏ، سندس سڳي ڀيڻ، کيرئين عرف املهه کي ٻانھي ڪري وٺي ويا. پنري مھل سر پھچي نه رڳو ڀيڻ کي آزاد ڪرايو، پر لوڙائن جي سردار جي سھڻي ڌيءَ سوناري به ”ٻان“ طور وٺي آيو، انھيءَ واقعي کان پوءِ ھاڻن وري وير وٺڻ لاءِ ٻرڙائي ڪوٽ تي حملو ڪري، اتان ڪي عورتون، جن ۾ سردار جي ڌيءَ به ھئي. پاڻ سان وٺي ويا. پنرو وري سندن پٺيان لڳو، جڏھن ’نيڙ‘ واري ايراضيءَ ۾ پھتو ته ھاڻو سندس آڏو پيش پيا ۽ سموريون عورتون مال سميت آڻي حاضر ڪيائون. جنھن کان پوءِ پنرو پنھنجي رھائش واري ھنڌ ”ٻنگار“ ۾ موٽي ويو. ٻنگار سان لاڳاپيل آثار ۽ شھر سڀ ڪاڇي جا آھن، جيڪي اڄ ڏينھن تائين معلوم ۽ مشھور آھن، جيئن ته:پاتار، ونگر پتڻ، پراڻ، ڦرھو، سانگي چنا، بڊوئا چنا، سانگين جا کنڊر، ڦل، ٻرڙائو ڪوٽ، نيڙ وغيره .


هن صفحي کي شيئر ڪريو